حمايت علي شاعر

حمايت علي شاعر

حمايت علي شاعر

حمايت علي ’شاعر‘: اردو ٻوليءَ جو مشهور شاعر، ڊراما نويس، استاد حمايت علي، 27 جون 1930ع تي حيدرآباد دکن، هندستان ۾ ڄائو. هن 1964ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم. اي جي ڊگري حاصل ڪرڻ بعد ’پاڪستان ۾ اردو ڊراما‘ جي موضوع تي تحقيقي مقالو لکي ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ڊاڪٽر سيد علي شاهه جي نگرانيءَ ۾ پي. ايڇ. ڊي جي ڊگري حاصل ڪيائين. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر مقرر ٿيو. پاڪستان اچڻ کان پهرين حيدرآباد دکن ۾ روزاني ’جناح‘ اخبار جي ايڊيٽرن ۾ شامل رهيو. ادبي رسالي ’سازِ نو‘ ۽ هفتيوار ’پرواز‘ سان به وابسته رهيو. لڳ ڀڳ پندرهن سال ريڊيو پاڪستان ۾ نوڪري ڪيائين جنهن دوران ٽي ويءَ ڊراما نويسيءَ کان صداڪاريءَ تائين هر شعبي ۾ ڪم ڪيائين، پوءِ ٽيليويزن ڏانهن رخ ڪيائين ۽ ڪيترائي ادبي پروگرام ترتيب ڏنائين. هن اردو فلمن لاءِ گيت به لکيا. فلم ’آنچل‘ ۽ ’دامن‘ ۾ بهترين گانن لکڻ ڪري کيس ’نگار اوارڊ‘ مليو. سندس پهرئين مجموعي ’آگ مين ڦول‘ تي 1959ع ۾ صدارتي اوارڊ ۽ ٻئي مجموعي تي پاڪستان رائٽرز گلڊ طرفان ’آدم جي‘ ادبي انعام ڏنو ويو. سندس هيٺيان ڪتاب شايع ٿيل آهن: (1) ’مٽي ڪا قرض‘ (شاعري)، (2) ’هارون ڪي آواز‘ (شاعري)، (3) ’ڪتابي چـهـري‘ (ڊراما)، (4) ’ميري ڌرتي ميري خواب‘ (نغما)، (5) ’سرگم‘ (گيت)، (6) ’اردو نعتيه شاعري ڪي سات سو سال‘، (7) ’ڪُڇ پيش رو‘، (8) ’ڪُڇ همسفر‘ (خاڪا)، (9) ’شيخ اياز شخص و شاعري‘، (10) ’قمر ساحر شخصيت و شاعري‘. حمايت علي 15 جولاءِ 2019ع تي ڪئناڊا جي شھر ٽورنٽو ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1930.06.27  عيسوي

اردو ٻوليءَ جو مشهور شاعر، ڊراما نويس، استاد حمايت علي، 27 جون 1930ع تي حيدرآباد دکن، هندستان ۾ ڄائو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

امر سنڌو
ٽالپر ڪرم
الياس عشقي ڊاڪٽر
ٻڍل فقير
بهرو ڇاٻڙيا بيوطن
شيرل بيوس باڊاهي
ٻال ڪرشن ڊي ڪمل سرتاج
محمد عارف شڪارپوري
الطاف عاصي ڊاڪٽر
شهاب الدين صوفي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون